سنڌ رگ ويد کان شيخ اياز تائين

سنڌ: رگ ويد کان شيخ اياز تائين (ڪتاب): هي ڪتاب نامياري ليکڪ ۽ ايڊووڪيٽ رام امر لعل پنجواڻيءَ ۽ ساوتري ڪوٽو مل منسکاڻيءَ جو لکيل آهي، جنهن ۾ تاريخي ۽ تحقيقي مضمون شامل آهن، جهڙوڪ: (1) شينهن ندي، (2) رگ ويد ۽ سنڌو ندي، (3) سنڌو ماٿريءَ جي سڀيـتا، (4) سنڌو ماٿريءَ جي سڀيتا ۽ سماجي سرشتو، (5) رگ ويـد ۽ آمـريڪن ڪورٽ، (6) موهن جـي دڙي جـا رهـاڪـو ۽ سـندن کاڌ خوراڪ، (7) سنڌو ماٿريءَ جي ٻـولي ۽ لپي، (8) ڏائڻ ۽ سڪندر، (9) ديبل: سـنڌ جو شان، (10) صوفي شهيد سرمد، (11) سر چارلس نيپيئر ۽ سنڌ، (12) سنڌ ۽ 1857ع جي آزاديءَ جي لڙائي، (13) شيخ اياز، (14) ڀارت ۽ پاڪـستان جي هـڪ پل: شيـخ ايـاز، (15) شيخ اياز جا رام پنجواڻيءَ ڏي لکيل خط وغيره.
ڊيمي سائيز جي 136 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب، وجيه پنجواڻي، نئين دهليءَ مان سيپٽمبر 1998ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي ۽ ان جي قيمت 100 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو